ڪنب (ن پ ا) ڪنب گرڊ اسٽيشن ڀرسان نامعلوم چور ٻن گھرن کي کاٽ ھڻي هزارين رپيا روڪ، سونا زيور ۽ ٻيو سامان ٻھاري فرار ٿي ويا. خبر موجب ڪنب ۽ ڀرپاسي ڏوهن جي وارداتن ۾ اضافو ٿي ويو. گذريل رات دير سان ڪنب گرڊ اسٽيشن ڀرسان نامعلوم  چور پورھيت عنايت اڄڻ ۽ بھادر ملڪ جي گھرن کي کاٽ هڻي هزارين رپيا روڪ، سونا زيور ۽ ٻيو قيمتي  سامان چوري ڪري فرار ٿي ويا. پوليس کي اطلاع باوجود واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو.