ڪنب (ن پ ا) ڪنب ڀرسان ڳوٺ بنگل خان چانڊيو ۾ مذهبي ۽ سماجي تنظيم جي سهڪار سان برسات متاثر 45 جوڙن جون شاديون ڪرايون ويون. ان موقعي تي اصغريه ۽ ڪمفرٽ ايڊ انٽرنيشنل پاران جوڙن کي ڏاج پڻ ڏنو ويو. تقريب ۾ لطف علي مهدوي، نثار علي چانڊيو، مصور مهدي چانڊيو، حسن جواد، علامه محمد نقي حيدري، مولانا محمد رفيق چانڊيو، مولانا گل حسن مشهدي سميت علائقي واسين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. نيڪ مردن نثارعلي چانڊيو ۽ مولانا سرفراز مهدوي  پاران آيل مهمانن ۽ گهوٽن کي اجرڪ جا تحفا پڻ ڏنا ويا. پروگرام جي پڄاڻيءَ تي لنگر پڻ تقسيم ڪيو ويو.