ڪنب (ن پ ا) گرفتار جوابدار ڪنب ٿاڻي مان فرار ٿي ويو. پوليس اهلڪار ڊوڙي ڊوڙي واپس موٽي آيا، جوابدار هٿ نه آيو. خبر موجب چوري جي ڪيس ۾ گرفتار ڪيل جوابدار احسان سولنگي ڪنب ٿاڻي تان فرار ٿي ويو. پوليس اهلڪار ڪافي دير تائين ڊوڙندا رهيا پر جوابدار فرار ٿي ويو. ان حوالي سان ٻڌايو پيو وڃي ته فرار ٿيل جوابدار احسان سولنگيءَ کي ڪنب پوليس ڪجھه ڏينهن اڳ چوري ڪيس ۾ گرفتار ڪيو هو، جنهن کي ڪالهه عدالت ۾ پيش ڪرڻ لاءِ لاڪ اپ مان ڪڍي گاڏيءَ ۾ ويهارڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وئي ته جوابدار فرار ٿي ويو. پوليس فرار ٿيل شخص کي هٿ نه  ڪري سگهي.