ڪنب ويجھو هٿياربندن جي فائرنگ، عورت مارجي وئي، هڪ ڄڻو زخمي

0
227
ڪنب ويجھو هٿياربندن جي

ڪنب (رپورٽر) ڪنب ويجھو هٿياربندن جي فائرنگ ۾ عورت قتل ٿي وئي ۽ ھڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو، ڳوٺ جهونگل شاهه ۾ جوابدارن گوليون هڻي  ٻڍڙي عورت خيران ڳاهو کي موت جي ننڊ سمهاري ڇڏيو

جوابدارن جي فائرنگ ۾ وحيد ڳاهو زخمي  ٿي پيو ، زخمي کي علاج لاءِ  مقامي اسپتال منتقل ڪيو ويو

مقتوله پيرسن عورت جو لاش ٿاڻي اڳيان رکي وارثن پاران احتجاج ڪيو ويو، انصاف ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو

مقتول عورت جي وارثن جو چوڻ ھو تھ ھٿياربندن جي فائرنگ عورت قتل ٿي وئي آھي، ظلم ڪيو ويو آھي، جوابدارن کي گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي

ھي به پڙھندا

ڄامشورو: 2 سال اڳ پسند جو پرڻو ڪندڙ شاگردياڻي مبينا طور پٿر ھڻي قتل