ڪنب (ن پ ا) سماجي تنظيم ھدايت جماڻي ويلفيئر ٽرسٽ پاران ڪراچي جي ڊاڪٽرن جي تعاون سان ڪوٽڏيجي لڳ ناروڍرو ۾ ھڪ ڏينهن واري مفت ميڊيڪل ڪيمپ لڳائي وئي، جنھن ۾   مختلف بيمارين جي ماھر ڊاڪٽرن سميع الرحمان، ڊاڪٽر حسن محمود، ڊاڪٽر فصيحا، ڊاڪٽر ماشف فاروقي، ڊاڪٽر سيدھ ڪوثر، ڊاڪٽر فرحا ۽ ٻين مختلف علائقن کان آيل 4 ھزار کان وڌيڪ برسات متاثر مريضن کي مفت چڪاس ڪري کين دوائون فراھم ڪيون. جڏھن ته مريضن کي کاڌ خوراڪ لاءِ پڪل کاڌي جا پيڪٽ پڻ مھيا ويا.