ڪنب (ن پ ا) ڪنب لڳ ڳوٺ گل حسن اڄڻ ۾ ٻارڙي برساتي پاڻي ۾ ٻڏي فوت ٿي وئي. خبر موجب ڪنب ڀرسان ڳوٺ گل حسن اڄڻ ۾ ٻن سالن جي ٻارڙي فاطمه ڌي صوبل اڄڻ ڳوٺ جي چوڌاري بيٺل برساتي پاڻيءَ ۾ ٻڏي فوت ٿي ويئي. ٻڌايو پيو وڃي ته ٻارڙي پنهنجي والده جي پويان وڃي رهي هئي ته اوچتو پير ترڪي وڃڻ سبب پاڻيءَ ۾ ڪري ٻڏي فوت ٿي ويئي. ٻارڙي جو لاش پاڻيءَ مان ڪڍي گهر آندو ويو ته ڪهرام مچي ويو. واضح رهي ته ڪنب ۽ ڀرپاسي جي مختلف ڳوٺن ۾ ٻن مهينن کان برساتي ۽ سم نالن جو پاڻي تلائن جي صورت ۾ بيٺل آهي، انتظاميا اڃا  تائين پاڻي نيڪال نه ڪرائي سگهي آهي.