ڪنب (ن پ ا) ڪنب لڳ ڳوٺ مخمد صالح بروهي واسي 13سالن جو نينگر زاهد  مگسي بيهوشي واري حالت ۾ هٿ آيو. شھرين نينگر کي کڻائي ڪنب جي خانگي اسپتال  پهچايو. اطلاع ملڻ تي ڪنب پوليس به پهچي وئي، جتي هوش ۾ اچڻ بعد نينگر پوليس کي ٻڌايو ته موٽرسائيڪل تي سوار ٻن ڄڻن کڻي منهن تي رومال ڏنو، بعد م ڪا خبر ناهي ته ڇا ٿيو. ٻئي طرف ڪنب پوليس نينگر جي وارثن کي ميڊيڪل ليٽر ڏئي تعلقي اسپتال ڪوٽڏيجي موڪليو.