ڪنب (ن پ ا) ڪنب لڳ ڳوٺ محمدصالح بروهي واسي 13 ورهين جو نينگر زاهد پٽ عبدالڪريم مگسي بيهوشي واري حالت ۾ ھٿ آيو،  نينگر ڏسي شھرين اسپتال منتقل ڪيو،  اطلاع تي پوليس پهتي، ان موقعي تي هوش ۾ اچڻ بعد نينگر پوليس کي ٻڌايو ته موٽرسائيڪل تي سوار 2 ڄڻن کڻي منهن تي رومال ڏنو، بعد   ڪا خبر ناهي ته ڇاٿيو، ٻي طرف پوليس نينگر جي وارثن کي ميڊيڪل ليٽر ڏئي تعلقي اسپتال ڪوٽڏيجي اماڻي ڇڏيو،  پوليس جو چوڻ هو ته مامري جي جاچ ڪيون پيا.