ممبئي(شوبز نيوز) ڀارتي ڊارامن جي مشهور اداڪارا ڪشور مرچنٽ انڪشاف ڪيو آهي ته فلم ۾ ڪم ڪرڻ جي بدلي هيرو سان رات گذارڻ جو چيو ويو. ڪشور مرچنٽ پنهنجي هڪ انٽرويو ۾ ٻڌايو ته هڪ فلم ۾ ڪم لاءِ انٽرويو دوران ناليواري فلمساز چيو ته اوهان کي فلم ۾ ڪم ڪرڻ جي بدلي فلم جي هيرو سان گڏ رات گذارڻي پوندي. هن چيو ته مون فوري طور ان آڇ کي رد ڪيو،اسان جي فلم انڊسٽري بدنام آهي پر فلمي دنيا ۾ ائين ٿيندو رهندو آهي. انٽرويو دوران بار بار سوال ڪرڻ باوجود هن ان فلم ساز جو نالو نه ٻڌايو.