ڪراچي(اسپورٽس نيوز) پاڪستان خلاف پهرين ٽي ٽوئنٽي ۾ ففٽي سبب ٽيم جي ڪاميابي ۾ اهم ڪردار ادا ڪندڙ انگلش بيٽر ايلڪس هيلز چيو آهي ته ڪم بيڪ ميچ ۾ ففٽي گهڻو اسپيشل آهي. نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي ايلڪس هيلز چيو ته منهنجي لاءِ هي ڪم بيڪ يادگار ٿي ويو. پاڪستان سپر ليگ جو تجربو ڪافي ڪم آيو. هن چيو ته نوجوانن کي به پنهنجو تجربو شيئر ڪري رهيو آهيان، پاڪستان جو ڪرائوڊ ڪافي زبردست آهي، سمجهان ٿو پاڪستان جي سٺي شروعات کانپوءِ اسان شاندار بالنگ ڪئي، ڊگهي سيريز آهي، ڪوشش ڪنداسين ته ايندڙ ميچ کٽي برتري مستحڪم ڪريون. هن چيو ته ڪراچي ڪرڪيٽ کيڏڻ لاءِ هڪ خاص جاءِ آهي ۽ اهو منهنجي لاءِ تمام وڏو بونس آهي ته مان هن کان اڳ هتي کيڏي چڪو آهيان.