تائيوان(انٽرسٽنگ نيوز) تائيوان جي شپنگ ڪمپني ايون گرين مرين پنهنجي 3,100 ملازمن کي 5 سالن جي پگهار بونس طور ڏئي رهي آهي جنهن جو ٻڌي هر ڪو دنگ رهجي ويو آهي.  پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب ايور گرين ڪمپني جو چوڻ آهي ته اهو بونس ملازمن جي گڏيل ڪارڪردگي جي حساب سان ورهايو ويندو. هڪ جاب ويب سائٽ Comparable موجب ايور گرين ڪمپني جي ملازمن جي سالياني پگهار تقريبن 29 هزار 5 سئو 45 ڊالرن کان وٺي هڪ لک 14 هزار 823 ڊالرن تائين آهي.  شپنگ ڪمپني 2022 جي مالي سال جي آخر ۾ گڏيل طور تي 10.9 بلين ڊالر ڪمايا ۽ ڪمپني کي 39.82 سيڪڙو منافعو ٿيو، جيڪو فائدو ڪمپني کي ڪووڊ-19 جي ڪري ٿيو، ڇاڪاڻ ته ڪورونا وائرس سبب سامان جي گهرج وڌي وئي هئي. پر جڏهن تائيوان مان اها خبر آئي ته سوشل ميڊيا واهپيدارن طرفان حيرانگي جو اظهار ڪيو ويو ۽ ان خبر کي سال جي بهترين خبر قرار ڏنو ويو.