جيڪب آباد (رپورٽر) ڪميونسٽ پارٽي آف پاڪستان جي اڳواڻ ڪامريڊ اجيت ڪمار بجاج کي دل جي تڪليف سبب ڀارت جي انڊور جي اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو، جتي ھن 65 ورهين جي ڄمار ۾ دم ڌڻي حوالي ڪيو، انڊور ۾ رھندڙ ھريش ڪمار سيواڻي ڪامريڊ اجيت ڪمار جي لاڏاڻي جي تصديق ڪندي ٻڌايو ته ڪامريڊ اجيت ڪمار بجاج کي دل جي تڪليف سبب اسپتال داخل ڪيو ويو، اسپتال ۾ پڻ ڪورونا ٽيسٽ به پازيٽو اچي وئي، ڪامريڊ اجيت ڪمار بجاج دل جي دوري پوڻ سبب فوت ٿي ويو آهي، جڏهن ته ڪورونا ٽيسٽ پازيٽو اچڻ بعد انتظاميا پاران آخري ديدار ڪرڻ نه ڏنو ويو، جنهن جو آخري رسمون انڊور ۾ ادا ڪيون ويون، ڪامريڊ اجيت ڪمار بجاج 2005 کان 2008 تائين ڪميونسٽ پارٽي ۾ سرگرم ھو، آخر تائين ڪميونسٽ پارٽي سان سلھاڙيل رھيو، ھن وقت به ڪمنيوسٽ پارٽي جيڪب آباد جو سيڪريٽري جنرل ھو، ڪامريڊ اجيت ڪمار بجاج 6 سال اڳ پاڪستان ڇڏي انڊيا لڏي ويو هو، ھن جيڪب آباد شھر ۾ قائم بس اڏي جي ٻاھر منتقلي تي آواز اٿاريو مزدور ۽ ھارين جي حقن لاءِ ھميشه پتوڙيو، جنهن سبب ڪيترائي ڀيرا جيل به ويو. ڪميونسٽ پارٽي آف پاڪستان جي اڳواڻ ڪامريڊ گل مستوئي ٻڌايو ته ڪامريڊ اجيت ڪمار بجاج جي لاڏاڻي تي ڪمنيوسٽ پارٽي جيڪب آباد پاران ٽي ڏينهن سوڳ جو اعلان ڪيو آهي.