اسلام آباد (بيورو رپورٽ) آڊيو ليڪس عدالتي ڪميشن جاچ هيٺ 9 مبينا آڊيوز جا تفصيل پڌرا ڪري ڇڏيا، جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ جُڙيل عدالتي ڪميشن پاران آڊيو ليڪس جي جاچ ڪالهه جاري رهي، سُپريم ڪورٽ جي جج ۽ پرويز الاهي جي آڊيو جو ٽرانسڪرپٽ جاري ڪيو ويو، عمران خان ۽ مسرت چيما وچ ۾ آڊيو جو به ٽرانسڪرپٽ جاري ڪيو ويو، ڪميشن چيف جسٽس جي سَسُ ۽ وڪيل جي گهرواري وچ ۾ مبينا آڊيو جا به تفصيل پڌرا ڪري ڇڏيا، حڪومت پاران پرويز االاهي ۽ ايڊووڪيٽ ارشد جوجا، ثاقب نثار ۽ وڪيل طارق رحيم جي مبينا آڊيوز جو ٽرانسڪرپٽ به پيش ڪيو ويو.