ڪراچي: سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن غيرفعال هجڻ سبب ڪيترن ئي کاتن ۾ 17هين  ۽ 18هين گريڊ ۾ ڪميشن امتحان وٺڻ تحت ڀرتين وارو عمل رولڙي جو شڪار آهي. ان سلسلي ۾ مليل ڄاڻ موجب ته صحت، تعليم، مڪاني ادارن، پبلڪ هيلٿ، لائيو اسٽاڪ، سروسز اينڊ جنرل ايڊمنسٽريشن سميت ٻين ڪيترن ئي کاتن ۾ ڀرتيون ٿيڻيون آهن، جنهن لاءِ لاڳاپيل کاتن پاران پبلڪ سروس ڪميشن کي ڌار ڌار خط به لکيا ويا آهن.  ڪميشن غيرفعال هجڻ ڪري ڀرتين وارو عمل رولڙي ۾ آهي.