اوٻاوڙو (ن پ ا) اوٻاوڙو ڀرسان ڪمون شهيد لڳ ڳوٺ ملوڪ بوهڙ مان چار ڏينهن اڳ نامعلوم ھٿياربندن ھٿان اغوا ٿي ويل ٻن ڀائرن رجب علي ۽ عبدالجبار بوهڙ جي وارثن معصوم ٻارڙا ساڻ ڪري احتجاج رڪارڊ ڪرايو. مغوي نوجوانن جي ڀاءُ محمد شهبان، عبدالغفار، امان الله، عبدالحميد، علي حسن، محمود بوهڙ، مائي سکان، مائي گل خاتون، مغوي نوجوانن جي ماءُ سڪينه ۽ ٻين دانهيندي پنهنجي اخبار کي ٻڌايو ته اسان جا نوجوان پئٽرول پمپ تي ملازم هئا، جتان سندن موٽرسائيڪل چوري ٿي وئي، بعد ۾ نامعلوم شخص نوجوانن کي ڪال ڪري چيو ته اوهان جي موٽرسائيڪل غلطي ۾ ڪاهي ويا آهيون، توهان نور شاهه پهچي پنهنجي موٽرسائيڪل ڪاهي وڃو. ٻنهي نوجوانن کي ڏوهارين دوکي سان گهرائي قيد ڪري ڇڏيو آهي. ڌاڙيلن نوجوانن جي بازيابيءَ لاءِ ڀنگ طلب ڪيو آهي، نه ڏيڻ جي صورت ۾ قتل ڪري لاش درياهه ۾ لوڙهڻ جون ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن. وارثن آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي سکر ۽ ايس ايس پي گهوٽڪيءَ کان مطالبو ڪيو ته ٻنهي نوجوانن کي ڌاڙيلن جي چنبي مان باحفاظت بازياب ڪرائي بيچيني ختم ڪئي وڃي.