حيدرآباد (بيورو رپورٽ) مٽياري شگرمل انتظاميا پاران ڪمند جي اگهه ۾ اضافي بعد پنهنجي شگرمل بند ڪرڻ جو چتاءُ ڏئي ڇڏيو آهي. حيدرآباد پريس ڪلب ۾ مٽياري شگرمل جي ريزيڊينٽ ڊائريڪٽر دوست محمد بلوچ، جنرل مينيجر ڊاڪٽر جنيد اڪبر شاهه، اسسٽنٽ جنرل مينيجر ڪين اختر هاليپوٽو سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪئي، هن چيو ته ٻوڏ جي تباھڪارين کي نظر ۾ رکندي انهن 11 نومبر کان شگر سيزن شروع ڪندي پراڻي سال جي اگهه 250 رپيا مڻ جي حساب سان ڪمند خريد ڪيو. پنجاب حڪومت ڪمند جي في مڻ جو اگھه 300 رپيا مقرر ڪيو آھي. کين خدشو آھي ته سنڌ سرڪار به ڪمند جي في مڻ جو اگھه 300 رپيا مقرر ڪندي. هن چيو ته مجموعي طور مهانگائي سبب 250 رپيا في مڻ ڪمند خريد ڪرڻ دوران به کين نقصان ٿي رھيو آھي ۽ جيڪڏهن ڪمند جو اگهه وڌيو ته کنڊ ٻيهر مهانگي ٿي ويندي ان لاءِ سنڌ حڪومت ڪمند جي في مڻ جي قيمت 250 رپيا کان وڌيڪ نه ڪري. جيڪڏھن ڪمند جي اگھن ۾ اضافو ٿيو ته هو شگرمل بند ڪري ڇڏيندا. ھن چيو ته عالمي منڊي ۾ کنڊ جي قيمت بھتر آھي ۽ انهن جنوري تائين جي کنڊ جمع ڪري ورتي آھي. جيڪڏھن مھانگي اگھه ۾ ڪمند خريد ڪندا ته کين وڌيڪ نقصان ٿيندو.

ڪوٽ غلام محمد (ن پ ا) ڪوٽ غلام محمد جي ٿر پارڪر شگرمل ڪمند جي پيڙھائي شروع ڪري ڇڏي آھي، جنهن بعد ڪمند سان ڀريل ٽرڪون، ٽريڪٽر ٽراليون ۽ اٺ گاڏا پهچي ويا آھن، ٿرپارڪر شگر مل جي پيڙهائي شروع ٿيڻ تي آبادگارن ۾ خوشي جي لهر ڇائنجي وئي آهي.