ڪمند جو اگهه۽ ڪريشنگ سيزن

0
187
سنڌ حادثاتي موتن جو ميدان

سنڌ ۾ پهرين آڪٽوبر کان ڪريشنگ جي سيزن هوندي آهي پر انهي ۾ سدائين دير ٿي ويندي آهي. هن ڀيري به اها ڪريشنگ سيزن اڃان تائين شروع نه ٿي سگهي آهي جڏهن ته 33 شگر ملن مان رڳو هڪ شگر ملز خيرپور  چمني ٻاري آهي جنهن ڪري سنڌ جي زراعت،ان سان لاڳاپيل ماڻهن ۽ زرعي شعبي کي سدائين وانگر نقصان پهچڻ جو خطرو آهي.14 سيپٽمبر تي ڪمند جي اگهه ۽ ڪريشنگ سيزن شروع ڪرڻ بابت ٿيل اجلاس بنا نتيجي ختم ٿيڻ کانپوءِ 10 ڏينهن اندر اجلاس گهرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو هو پر اهو اجلاس به نه ٿي سگهيو آهي جنهن ڪري ڪريشنگ سيزن شروع نه ٿيڻ ۽ ڪمند جي ڪٽائي نه ٿيڻ ڪري ربيع جي فصل ۾ دير ٿي سگهي ٿي.ربيع جو اهم فصل ڪڻڪ آهي،    ڪڻڪ جي پوکائي ۾دير ٿيڻ سان ايندڙ سال به ڪڻڪ جو بحران پيدا ٿيڻ ۽ قيمتون وڌڻ جو خطرو پيدا ٿي ويو آهي جنهن ڪري نه رڳو زرعي ماڻهن کي نقصان ٿيندو پر عام ماڻهو کي به اٽو يا ڪڻڪ مهانگي اگهه تي وٺڻو پوندو.

اسان جي بدقسمتي اها آهي ته سدائين وقت سر فيصلا نه ڪيا ويندا آهن ۽ ايمرجنسي بنيادن تي معاملن کي اڪلايو ويندو آهي جنهن ڪري سدائين مسئلا پيدا ٿيندا رهندا آهن. زرعي شعبي سان ته وري ويڌن اها آهي ته زرعي ملڪ ۽ صوبو هئڻ باوجود زراعت يا وري ان سان لاڳاپيل ماڻهن کي اها اوليت نه ڏني ويندي آهي جيڪا اهو شعبو لهڻو ٿو.جنهن ڪري ڪجهه وقت کان وٺي ڪپهه ڪڻڪ ۽ ايستائين جو کنڊ به ٻاهران گهرائي وڃي ٿي جنهن ڪري مٽا سٽا وارا پرڏيهي ذخيرا خرچ ڪرڻا پون ٿا ۽ ڊالر ڏينهون ڏينهن مهانگو ٿي رهيو آهي جيڪو ملڪ ۾ مهانگائي جو اهم سبب بڻجي رهيو آهي ۽ ملڪي معيشت تي اثر پئجي رهيو آهي. پر اسان جا حڪمران انهن شين تي ڌيان ئي نه ٿيا ڏين.اسان جي ملڪ ۾ سدائين هر فصل جي سيزن وقت ان جي قيمت ۽ نيڪال تي جهيڙو رهندو آيو آهي، سرڪار ڪڏهن به وقت سر انهن جو امدادي اگهه طئي نه ڪري سگهندي آهي پوءِ  اهي زراعت سان لاڳاپيل ماڻهو کليل مارڪيٽ جا محتاج هوندا آهن ۽ سستي اگهه تي سڄي سال جي محنت وڪڻڻ تي مجبور هوندا آهن ۽ سرڪار وري پنهنجو ٽارگيٽ پورو نه ڪري سگهندي آهي. اٽي کان وٺي کنڊ جا اگهه طئي ڪرڻ جو اختيار ڄڻ ته کليل مارڪيٽ جي هٿ ۾ هوندو آهي ۽ سرڪار قيمتن تي ڪنٽرول نه ڪري سگهندي آهي، ايئن عوام ٻنهي هٿن سان ڦربو رهندو آهي. کنڊ ۽ اٽي جو مثال اسان جي سامهون آهي جنهن جون قيمتون هڪ سال اندر ٻيڻيون ٽيڻيون ٿي ويون آهن پر اهي فصل پوکيندڙ آبادگار ۽ عوام ساڳيو سورن ۾ آهي. هن وقت به ڪريشنگ سيزن شروع ڪرڻ جو فيصلو نه ٿيڻ ڪري جيڪو ڪمند پوکيل آهي اهو  ڪٽائي کان رهجي ويندو ۽ ربيع جو فصل لاءِ آبادگارن کي زمين خالي نه ملي سگهندي. مٿان وري ڪريشنگ سيزن دير سان شروع ٿيڻ ڪري اهو ڪمند پنهنجو وزن گهٽائي ڇڏيندو جنهن ڪري به آبادگارن کي نقصان ٿيندو تنهن ڪري شگر مل مالڪ سدائين انهي ڪوشش ۾ هوندا آهن ته ڪريشنگ سيزن دير سان شروع ٿئي.  سرڪار وري انهن آڏو مجبور هوندي آهي انهن کي پنهنجي فيصلن تي راضي ڪرڻ ۾ ناڪام ٿيندي آهي يا وري ڪرڻ ئي نه چاهيندي آهي،سو هن ڀيري به اهو ئي معاملو نظر اچي رهيو آهي جو 14 سيپٽمبر واري اجلاس کانپوءِ 10 ڏينهن اندر اجلاس گهرائڻ واري پنهنجي فيصلي تي ئي حڪومت عمل نه ڪري سگهي آهي نه ئي ڪريشنگ سيزن جو فيصلو ٿي  سگهيو نه ئي وري ڪمند جي امدادي اگهه طئي ٿي سگهيو آهي.

اسان سمجهون ٿا ته اها ڪمند جي آبادگارن سان زيادتي آهي تنهن ڪري حڪومت فوري طور تي اجلاس گهرائي ڪريشنگ سيزن ۽ امدادي اگهه جو معاملو طئي ڪري وٺي ته جيئن ڪمند جي ڪٽائي شروع ٿئي ته آبادگارن کي ربيع جي فصل لاءِ زمين خالي ملي سگهي. ايئن نه ٿئي ته هن فيصلي ۾ وڌيڪ دير سان ايندڙ سال ڪڻڪ جو ڪو وڏو بحران پيدا ٿئي ۽ عوام وري ڏچي ۾ هجي.