ڪراچي: سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس احمد جي سربراهي ۾ ٽه رڪني بينچ حاجي ليمو ڳوٺ مان حددخلين جي خاتمي بابت ڪيس جي ٻڌڻي دوران ڪراچي جي ڪمشنر نويد شيخ کي سمورين ڌرين جو موقف ٻڌڻ جي هدايت ڪندي گٽر نالي تان حدخليون ختم ڪرائي ٻيهر رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. ڪالهه ٻڌڻي دوران هڪ عورت عدالت کي ٻڌايو ته گلشن اقبال جي بلاڪ 3 جي پارڪ جي زمين تي قبضو ڪري گٽر نالي جي زمين تي پلازا اڏيو ويو آهي. ان موقعي تي ڪراچي جي ڪمشنر چيو ته اسان حددخليون ختم ڪرائي ڇڏيون آهن، جنهن تي ڄاڻايل عورت عدالت کي ٻڌايو ته ڪراچي جو ڪمشنر غلط بياني ڪري رهي آهي. عدالت پڇيو ته حاجي ليمو ڳوٺ ۽ عظيم ڳوٺ ڪٿي آهن؟ جنهن تي عورت ٻڌايو ته اسان جو 18 گهٽيون بند آهن، مون کي ڏيڍ ڪلو ميٽر پنڌ ڪري بس اسٽاپ تي پهچڻو پوندوآ هي. هن چيو ته پارڪ اندر بلڊنگ ۽ دڪان ٺاهيا ويا آهن، جڏهن ته قبرستان ۾ سِرن جو بٺو هلي رهيو آهي. ان موقعي تي چيف جسٽس ڪمشنر کان پڇيو ته گٽر نالن تان حددخليون ختم ڪرڻ کانپوءِ اوهان متاثر ٿيل ماڻهن کي ڪٿي رهائيندا؟ جنهن تي ڪراچي جي ڪمشنر چيو ته جڏهن حڪومت جي پاليسي ايندي ته کين معاوضو ڏنو ويندو. ان موقعي تي عورت الزام لڳائيندي چيو ته پيپلز پارٽي جي اقبال ساند ۽ ٻين حددخليون ختم ڪرڻ نه ڏنيون آهن جنهن تي چيف جسٽس ڪراچي جي ڪمشنر کي مخاطب ٿيندي چيو ته ڪمشنر صاحب! ٻڌايو اهو سڀ ڪجهه ڇا آهي؟ عدالت ڪراچي جي ڪمشنر کي هدايت ڪئي ته حددخليون جو خاتمو ڪرائي ٻيهر رپورٽ پيش ڪئي وڃي. چيف جسٽس چيو ته اسان کي خبر آهي ڪراچي ۾ فيڪٽري ايرياز جا ماڻهو معاوضو وٺندا آهن، پوءِ واپس اچي ويندا آهن. عدالت ريمارڪس ڏيندي چيو ته ماڻهو برساتي نالا بند ڪري ڇڏيندا آهن، توهان گذريل برساتن ۾ شهر جو حال ڏٺو هو؟