ڪلوئي (ن پ ا) هڪ هفتي دوران ڪلوئي تعلقي ۾ 7 ڍڳيون لمپي وائرس  وگهي مري ويون، جڏهن ته ڪيترائي ڍور بيمارين ۾ مبتلا آهن، ان حوالي سان علائقي واسين ياسين سومرو، يامين سومرو، عنايت الله نهڙيو، عبدالغني فاضلاڻي، الهورايو ساهڙ ۽ ٻين دانهيندي چيو ته مختلف ڳوٺن ۾ هڪ هفتي دوران 7 ڍڳيون لمپي وائرس وگهي مري ويون آهن،  لائيواسٽاڪ کاتي جي لاپرواهي سبب تڪڙن بنيادن تي وئڪسين نه ٿيڻ ڪري وچڙندڙ بيماري تيزي سان وڌڻ لڳي آهي، چوپائي مال جا وٿاڻ خالي ٿي ويا آهن، هنن مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي ڊاڪٽرن جون ٽيمون موڪليون وڃن. هوڏانهن رابطو ڪرڻ تي سينئر وٽرنري ڊاڪٽر عبدالقدير قائمخاني ٻڌايو ته  اسان وٽ مالوندن جون شڪايتون ته اچن ٿيون پر گاڏين جو تيل نٿو ملي، جنهن جي ڪري اسان سمورن ڳوٺن تائين پهچي ناهيون سگهيا،اسان ڊپٽي ڊائريڪٽر مٺي کي پيٽرول ڏيڻ لا چيو آھي پر هن مهل تائين گاڏين لاءِ پيٽرول ناهي ملي سگهيو، ان ڪري اسان کي فيلڊ ۾ وڃڻ لاءِ مشڪلاتون پيش اچن ٿيون. ٻي طرف  ڊپٽي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر گوڌن ڍاٽي ٻڌايو ته اسان وٽ عملي جي شديد کوٽ آھي، تعلقي ڪلوئي ۾ وڌيڪ چوپايو مال ھئڻ ڪري  وبائن جي صورت ۾ ڪنٽرول ڪرڻ ۾ ڏکيائيون پيون  ٿين، ڪوشش آهي ته سموري چوپائي مال کي وئڪسين ڪئي وڃي.