ڪلوئي (رپورٽ: ڱلشير نهڙيو ) ڪلوئي لڳ زمين تڪرار تان ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، فائرنگ ۾ شاگرد سميت 2 ڄڻا قتل، 3/ ڄڻا سخت زخمي، 6 ڪلاڪن بعد پوليس پهچي صورتحال تي ڪنٽرول ڪيو، ان ڏس ۾  ڪلوئي لڳ ڳوٺ ناٿو ليل ۾ زمين جي تڪرار تان ٻن ڌرين ۾ جھيڙو ٿي پيو، ڄاڻ موجب ته  ڳوٺ ڪرم علي سمون جا رهواسي دودو سمون ۽ رحيم توڙي ٻيا فجر محل تڪراري زمين تي پهتا ته ٻن ڌرين ۾ ڇڪتاڻ تيز ٿي وئي،  هڪٻئي تي فائرنگ سبب  نائين ڪلاس جو شاگرد راجا ليل ۽ دودو سمون موقعي تي ئي قتل ٿي ويا، جڏهن حسين ليل، ڏاتر ڏنو ليل ۽ رحيم سمون سخت زخمي ٿي پيا، مقتولن جا لاش ۽   زخمي 6 ڪلاڪن تائين واقعي واري هنڌ پيل رهيا، اطلاع تي پوليس دير سان پهچي  صورتحال تي ڪنٽرول ڪري لاش ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو، ان حوالي سان ايس ايچ او امين جوڻيجو ٻڌايو ته ٻنهي  ڌرين جا هٿيار بند ماڻهو گرفتار ڪري ورتا آهن، زخمين ۽ مقتولن جا لاش اسپتال پهچايا آهن، پوليس پڪٽ قائم ڪئي  آهي.