ڪلوئي (ن پ ا) ڪلوئي ڀرسان نوجوان زهريلي دوا پي خودڪشي ڪري ڇڏي، خبر موجب ڳوٺ ڪوٽ ارباب ميرمحمد ۾ نوجوان ڀيمون ولد سومجي ڀيل زهريلي دوا پي زندگيءَ جو انت آڻي ڇڏيو، اطلاع تي ڪلوئي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي نوجوان جو لاش تحويل ۾ وٺي ڏيپلو اسپتال منتقل ڪيو، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو، وارثن موجب نوجوان فجر مهل گهر ۾ جيت مار دوا پي زندگي جو انت آندو، نوجوان سان ڪنهن جي به رنجش نه هئي، خبر ناهي هن ڇو اهڙو انتهائي قدم کنيو، پوليس جو چوڻ آهي ته نوجوان جي خودڪشي جو ڪارڻ معلوم ناهي ٿي سگهيو، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.