نئون ڪوٽ/ڪلوئي (نمائندن وٽان) ڪلوئي ويجهو ھرڻ مئل حالت ۾ ھٿ، ڳوٺاڻن پاران شڪار جو شڪ، وائيلڊ  لائيف کاتي جي ٽيم مئل هرڻ کي پوسٽ مارٽم لاءِ مٺي کڻي وئي، خبر موجب ڳوٺ گرڙاٻھه وٽ ڳوٺاڻن عبدالغني، عبدالسلام ۽ ٻين هرڻ کي مئل حالت ۾ ڏسي وائلڊ لائيف کاتي ٿرپارڪر جي عملدارن کي اطلاع ڏنو، ڳوٺاڻن موجب هرڻ جي جسم تي ڌڪ لڳڻ جا نشان موجود هئا، جنهن ڪري چئي سگهجي ٿو ته شڪار ڪندڙ هرڻ کي زخمي ڪري ويا آھن، هوڏانهن وائلڊ لائيف کاتي جي ٽيم پهچي هنڌ جو جائزو ورتو ۽ ڳوٺاڻن کان پڇا ڳاڇا ڪئي، جڏهن ته مئل ھرڻ کي پوسٽ مارٽم لاءِ مٺي کڻائي وئي، وائلڊ لائيف ميرپورخاص جي ڊپٽي ڪنزرويٽر مير اعجاز ٽالپر ٻڌايو ته اسان مئل هرڻ هٿ ڪيو آهي، پوسٽ مارٽم بعد رپورٽ جي آڌار تي وڌيڪ جاچ ڪئي ويندي،