ڪلوئي (ن پ ا) ڪلوئي ويجهو پرڻيل ناري ڦاهو کائي آپگهات ڪري ڇڏيو، وڻ ۾ ٽنگيل لاش هٿ، خبر موجب  ڳوٺ ڇهون واٽر ۾ شادي شده ناري لڇمي زال ڇڳن ڀيل گھر ڀرسان وڻ ۾ ڦاهو کائي انت آڻي ڇڏيو، جنهن جو ٽنگيل لاش ھٿ ڪيو ويو، اطلاع تي حد جي پوليس پھچي عورت جو ٽنگيل لاش لاھي تعلقه اسپتال ڏيپلو آندو، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو، عورت جي مڙس ڇڳن ڀيل ٻڌايو سندس زال سان ڪا به ناراضگي نه هئي ۽ نه ئي ڪا کيس پريشاني هئي، هن چيو ته لڇمي چيڙاڪ طبيعت جي هئي، ٿوري ٿوري ڳالهه تي ڪاوڙجي پوندي هئي، گهرو ڳالهين تان اڻبڻت ٿيندي رهندي هئي، خبر ناهي هن ڇو آپگهات ڪيو،