ڪراچي (رپورٽ: اياز بروهي) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس ايم احمد علي شيخ طرفان ڪلوئي ۾ ناريءَ جي اغوا، گينگ ريپ ۽ آپگهات واري واقعي جي ورتل  نوٽيس جي ٻڌڻي دوران ڊي آءِ جي ميرپور خاص ذوالفقار مهر، ايس ايس پي ٿرپارڪر حسن سردار ۽ ٻين عملدارن کي ڪيس جي وڌيڪ جاچ ڪري ٻن هفتن ۾ اڳڀرائي رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، ڪالهه چيف جسٽس پاران طلب ڪرڻ تي ڊي آءِ جي ميرپور خاص ذوالفقار مهر، ايس ايس پي ٿرپارڪر حسن سردار ۽ ٻيا عملدار، مقتول ناريءَ جا ڀاءُ ۽ سوٽ  پيش ٿيا، ان موقعي تي ڊي آءِ جي ذوالفقار مهر رپورٽ پيش ڪئي،  رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ڄاڻايل ڪيس ۾ چئن جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي، جڏهن ته وڌيڪ جاچ هلندڙ آهي. ٻڌڻي دوران مقتول ناريءَ جي وارثن پڻ چيف جسٽس کي سموري واقعي بابت آگاهه ڪيو، چيف جسٽس پوليس عملدارن کي ڄاڻايل ڪيس ۾ ڊي اين اي ڪرائڻ جي هدايت ڪندي چيو ته ڪيس جي فريادي ۽ سندس خاندان سان تعاون ڪيو وڃي. چيف جسٽس ڪيس جي وڌيڪ جاچ ڪري ٻن هفتن ۾ رپورٽ پيش ڪرڻ جو پڻ حڪم ڏنو آهي. ٻڌڻي بعد  ڊي آءِ جي ذوالفقار مهر ميڊيا سان غيررسمي ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته چيف جسٽس ڪيس جي فريادي ۽ شاھدن کي تفصيل سان ٻڌي سمورين ثابتين ۽ ڊي اين اي جي بنياد تي ميرٽ تي جاچ جو حڪم ڏنو آهي.  انهي سوال ته واقعو 8 سيپٽمبر تي پيش آيو، ڪيس وري 18 سيپٽمبر تي داخل ڪيو ويو.  جيڪڏهن پوليس وقت سر ايڪشن وٺي ها ته ناريءَ جي جان بچي وڃي ها؟ جو موٽ ۾ ڊي آءِ جي چيو ته ڪيس جي فريادي ۽ شاھد چيف جسٽس آڏو ان معاملي تي ڪليئر چيو آهي ته انهن ئي پوليس کي ڪا شيءِ نه ٻڌائي هئي، هنن چيو آهي اسان جڏهن پوليس کي واقعي بابت آگاهي ڏني ته انهن ڪارروائي ڪئي آهي، هن دعويٰ ڪئي  فريادي توڙي شاھد پوليس جي جاچ مان مطمئن آهن.