نئون ڪوٽ(ن پ ا) 26 جون تي بلدياتي اليڪشن جي پهرين مرحلي ۾ ٿيندڙ اليڪشن جي سلسلي ۾ پي ٽي  آءِ اڳواڻ ۽ بئريسٽر ارباب ظفر الله چيو ته پ پ اڳواڻ اسان جي ووٽرن کي هراسان ڪرڻ جي لاءِ ڪوڙن ڪيس ۾ ڦاسائي رهيا آهن.  اسانجي ووٽر شوڪت ساهڙ ،حيدر علي، محمد رمضان، محمد مبين، عبدالڪريم ساهڙ سميت ٻين 20 نامعلوم ماڻهن خلاف ڪوڙو ڪيس داخل ڪيو ويو آھي، پ پ اڳواڻ پنهنجي شڪست ڏسي بوکلاهٽ جو شڪار ٿي ويا آهن، هن چيو ته ڊي آرو ۽ آر او  ونگار وهندي ڌانڌلي جي شروعات ڪري ڇڏي آهي، اسان شڪايت لاءِ   اليڪشن ڪميشن تائين وينداسين.