ڪلوئي (ن پ ا) ڪلوئي تعلقي جي 6 يوسين کيتلاري، سارهوڙ، گرڙاٻه، ڪلوئي، ڀٽارو ۽ فانٽ ۾ بند اسڪولن جون خبرون ٽائيم نيوز ۽ پنهنجي اخبار ۾ هلڻ بعد استادن جي نئين ڀرتي دوران تعلقي ڪلوئي جي ٽوٽل 340 اسڪولن مان 337 اسڪولن ۾ استاد مقرر ٿي ويا، ڪافي سالن کان بند اسڪول کلڻ کان پوءِ ڳوٺاڻن ۾ خوشي جي لهر آهي، ان حوالي سان تعلقي ايجوڪيشن آفيسر ميل کنگھار سنگھه مھر ٻڌايو ته  تعلقي ۾ ٽوتل 340 اسڪولن مان 219 اسڪول اڳي هلندڙ هئا، 121 بند هئا، جيڪي نئي ڀرتي دوران کلي چڪا آهن.ڪلوئي تعلقي ۾ پهرين فيز ۾ 56 اسڪول کليا، ٻئي فيز ۾ 42 اسڪول کليا ۽ 20 اسڪول پروپوزد ڪري کوليا  ويا آهن ۽ ڪجهه نان وائيبل اسڪول آهن جيڪي هلڻ جهڙا نه آهن اهي بند آهن.