ڪلراٺي زمين ۽ ان جو حل

0
114
ڪلراٺي زمين ۽ ان جو حل

    ڪلراٺي زمين يعني لوڻ واري زمين جتي لوڻ جو مقدار وڌيڪ ھجي ان زمين ۾ ڪنھن به فصل جو ٻج جرمينيٽ /ڦٽي نه سگھندو آھي ڪلراٺي زمين م شامل نيوٽرينٽس مثلن سوڊيم پوٽاشم ۽ ميگنيشم وغيره جيڪي ٻج کي ڦوٽارو ڪرڻ نٿا ڏين جنھن سان ان زمين ۾ فصل تيارنه ٿو ٿئي ۽ اھي زمينون بنجر ٿيو وڃن ڪلراٺي زمين م خاص ڪري ٻن سببن جي ڪري لوڻ جي مقدار وڌي ٿي ھڪ ته خشڪ موسم ۽ ٻيو پاڻي جو نظام خراب ھجڻ مثلن ان زمين کي مٺو پاڻي ڏيڻ ۽ نه ئي ان جو نيڪال وارو سسٽم ھجڻ ڪلراٺي زمين کي پاڻي  ھميشه مٺو ڏجي ڇو ته زمين م اڳ ئي لوڻ جو مقدار وڌيڪ آھي اگر  پاڻي وري کارو ملندو ته زمين وڌيڪ وري خراب ٿيندي ويندي  ۽ ان جي ڪري ئي ڪلراٺي زمين جو نيڪال جو ھجڻ لازمي آھي اگر نيڪال نه ھوندو ته پاڻي ٻاڦ جي صورت ۾ ايواپوريٽ ھوا م ھليو ويندو پر ان ۾ جيڪا لوڻ جي مقدار ھوندي اھا زمين ۾ ئي رھجي ويندي

                         (ڪلراٺي زمين مان ڪيئن لوڻ جو مقدار گھٽائي ان کي زرخيز ڪيو وڃي)

                         1 ڪلراٺي زمين ۾ھميشه اھو فصل يا اھي ٻوٽا پوکيو جيڪي زمين جي اندارن لوڻ جي مقدار کي ختم ڪرڻ جي صالاحيت رکندا ھجن ۽ ان م ھڪ عام فصل آھي جنھن کي پاڻ جنتر چئون ٿا جيڪا مال جي کاڌ لا۽ به پوکبي آھي تواھان ان کي ڪلراٺي زمين ۾ پوکيو پوءِ جڏھن اھا اڃا ڪچي ھجي مطلب اڃان مڪمل تيار نه ھجي ان وقت تواھان ان کي زمين ۾ کيڙي ڇڏيو ممڪن آھي ٽائيم ته لڳندو پر تواھان جي زمين ضرور زرخيز ٿيندي

2 زمين ۾ وڌ کان وڌ نامياتي مادو يعني قدرتي ڀاڻ لڳايو ان سان توھان جي زمين زرخيز ٿي ويندي مثلن ته وٿاڻ جو ڀاڻ ۽ ڪڪڙن جو ويسٽ مٽيريل وغيره اچي وڃي ٿو

3 زمين کي زرخيز ڪرڻ لا۽ ان ۾ چپسم جو استعمال ڪري مٿان به پاڻي ڏيندا رھو، (شاگرد/ڊپارٽمينٽ آف اينٽومولاجي سنڌ ايگريڪلچر يونيورسٽي ٽنڊوڄام)