ڪلاس ۾ پينسل چوري ٿيڻ تي ٻارڙو ٿاڻي پهچي ويو

0
626
ڪلاس ۾ پينسل چوري ٿيڻ تي ٻارڙو ٿاڻي پهچي ويو
ڪلاس ۾ پينسل چوري ٿيڻ تي ٻارڙو ٿاڻي پهچي ويو

نئين دهلي(دلچسپ نيوز) ڪلاس ۾ پينسل چوري ٿيڻ تي ٻارڙو ٿاڻي پهچي ويو، هم ڪلاسي تي ايف آءِ آر داخل ڪرائي ڇڏي. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب ڀارتي رياست انڌرا پرديش جي ضلعي ڪرنول ۾  پوليس اسٽيشن انوکي ايف آءِ آر داخل ڪئي.

چيو پيو وڃي ته پرائمري اسڪول جي هڪ شاگرد پينسل چوري جي ايف آءِ آر داخل ڪرائي آهي. ٻارڙو پنهنجي دوستن سان گڏ ٿاڻي پهتو ۽ هم ڪلاسي تي سندس پينسل چوري جو الزام هڻي ايف آءِ آر داخل ڪرائي.

ٻارڙن جي پوليس اسٽيشن تي ايف آءِ آر داخل ڪرائڻ واري وڊيو وائرل ٿي وئي.