لاهور (شوبز نيوز) ناليوارو ڪلاسيڪل راڳي استاد مبارڪ علي خان 81 ورهين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو.استاد مبارڪ علي خان ڪجهه ڏينهن کان بيمار هو ۽ لاهور جي مقامي اسپتال ۾ دل بند ٿيڻ سبب لاڏاڻو ڪري ويو.استاد مبارڪ علي خان 1940ع ۾ جالنڌر جي ڳوٺ نالي ۾ پيدا ٿيو، هو ناليواري ڪلاسيڪل فنڪار جاويد بشير ۽ اڪبر علي جو وڏو چاچو ۽ استاد هو، هن سوڳوارن ۾ ٽي پٽ ڇڏيا.