اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم شهباز شريف  ڪفايت شعاري تحت فيصلن تي عمل لاءِ مانيٽرنگ ڪاميٽي جوڙڻ جي هدايت ڪري ڇڏي، ڪفايت شعاري بابت وزيراعظم جي صدارت هيٺ اجلاس دوران فيصلو ڪيو ويو ته هر اتحادي ميمبر کي مانيٽرنگ ڪاميٽي جي اجلاس جي صدارت جو موقعو ڏنو ويندو، اتحادي پارٽيز جَي ڪابينا ميمبرز تي ٻڌل ڪاميٽي جو اجلاس ٻن هفتن بعد طلب ڪيو ويندو، وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته تاريخي فيصلن جا ڏور رس نتيجا نڪرندا، فيصلن تي عمل ۾ ڪنهن به قسم جي دير کي برداشت نه ڪيو ويندو.