مڪو شريف(انٽريسٽنگ نيوز) ڪعبت الله يا خانه ڪعبه جي ڀتين ۽ باب ڪعبعه يعني ڪعبي جي دروازي کي جنهن ڪپڙي سان ڍڪيو ويندو آهي ان کي غلاف ڪعبه يا ڪسوه عربي ۾ ڪسوت الڪعبه چوندا آهن. هر سال ڪعبت الله جو غلاف تبديل ڪيو ويندو آهي جنهن کي ريشمي ڌاڳن ۽ سون جي تارن سان تيار ڪيو ويندو آهي. پر ڪعبي تي غلاف چاڙهڻ جي شروعات ڪڏهن کان ٿي ۽ اسلام کان اڳ غلاف لاءِ ڪهڙو ڪپڙو استعمال ڪيو ويندو هو؟؟ موجوده دور ۾ اهو غلاف ٺاهڻ لاءِ ڌاڳا ڪٿان ٿا اچن؟ هڪ ڌاڳي کي جاچڻ لاءِ ان کي ڪيترن مرحلن مان گذاريو ويندو آهي ۽ ان تي ڪيترو خرچ ٿئي ٿو؟ غلاف جي تياري جي شروعات ڪڏهن کان ٿي ان جي درست معلومات دستياب نه آهي پر ڪيترن ئي تاريخي ڪتابن ۾ آهي ته اسلام کان اڳ واري دور ۾ پهريون ڀيرو يمن جي بادشاهه طوبيٰ الحميري ڪعبي تي غلاف چڙهايو هو. الحميري مڪي کان واپسي تي هڪ ٿلهي ڪپڙي کي استعمال ڪندي ڪعبي جو غلاف تيار ڪرايو. تاريخي ڪتابن ۾ ان ٿلهي ڪپڙي جو نالو ڪشف ٻڌايو ويو آهي. ان بعد ان ئي بادشاهه المعافيريه ڪپڙي مان غلاف تيار ڪرايو ۽ ان مقصد لاءِ يمن جي هڪ قديم شهر ۾ ٺهندڙ بهترين ڪپڙو استعمال ڪيو ويو. طوبيٰ الحميري کانپوءِ وارن دورن ۾ ڪعبي جي غلاف لاءِ مختلف ڪپڙا استعمال ڪيا ويا جن ۾ چمڙي کان وٺي مصر جو قبطي ڪپڙو شامل هو. شاهه عبدالعزيز جي دور ۾ ان غلاف جي تياري لاءِ الڳ کاتو قائم ڪيو ويو ۽ ائين ان مقصد لاءِ ڪپڙو مڪي ۾ ئي ٺهڻ لڳو ۽ ان مقصد لاءِ هڪ ڪارخانو به لڳايو ويو. ان ڪارخاني ۾ ڪعبي جي غلاف جي تياري دوران استعمال ٿيندڙ پاڻي کي به پاڪ ڪيو ويندو آهي.
ڪارخاني ۾ ڪعبي جي غلاف جي تياري ۾ استعمال ٿيندڙ ريشم کي ان پاڪ پاڻي سان ڌوتو ويندو آهي. ان ڪارخاني ۾ ڪعبي جي غلاف کي جنهن ريشم مان تيار ڪيو ويندو آهي ان تي سون ۽ چاندي جي تارن مان قرآني آيتون قند ڪيون وينديون آهن. غلاف جي تياري ۾ استعمال ٿيندڙ ريشم اٽلي جڏهن ته سون ۽ چاندي جون تارون جرمني مان اينديون آهن. ڪعبت الله بابت کاتي رئاست شئوون الحرمين جي سرڪاري ويب سائيٽ تي غلاف جي تياري بابت معلومات ڏني وئي آهي جنهن مطابق ڪعبي جو غلاف ٺاهڻ لاءِ اٽلي مان ايندڙ ريشمي ڌاڳا اعليٰ معيار جي گريڊ اي فائيو جا هوندا آهن ۽ انهن جي ٿولهه 3 ملي ميٽر هوندي آهي جيڪا مضبوطي ۽ لچڪ جي ضمانت هوندي آهي. هڪ ريشم جو ڌاڳو ڪيتريون ئي ٽيسٽون پاس ڪندو آهي جنهن ۾ ٿريڊ ٽيسٽ کان وٺي ٿولهه، مضبوطي، رڱڻ، ميچنگ، ڌوئيندي رنگ ڦٽڻ ۽ ڌاتوئي تارن جي استعمال جون ٽيسٽون به شامل آهن. ڪعبي جي غلاف جي معيار کي يقيني بڻائڻ لاءِ شاهه عبدالعزيز ڪمپليڪس ۾ هڪ تجربيڪار ٽيم انهن ٽيسٽن جي نگراني ڪندي آهي. ان غلاف تي اٽڪل 2 ڪروڙ سعودي ريال خرچ ٿيندا آهن يعني تاريخ جو سڀ کان مهانگو غلاف هوندو آهي. غلاف جي تياري جي نگراني 200 کان وڌيڪ تيار ڪندڙ ڪندا آهن جن ۾ بهترين قابليت، تجربي، سائنس ۽ عملي قابليت رکندڙ ماڻهن کي مسجد نبوري ۽ ڪعبت الله جي معاملن لاءِ ملازم رکيو ويو آهي.
ريشم کي ڪاري ۽ سائي رنگ ۾ رڱيو ويندو آهي ۽ خاص ڪيميڪلز به استعمال ڪيا ويندا آهن. حج جي موقعي تي غلاف کي اٽڪل 3 ميٽر مٿي ڪيو ويندو آهي ۽ هيٺين جاءِ کي سفيد سوٽي ڪپڙي سان ڍڪيو ويندو آهي ته جيئن ڪسوه صاف رهي ۽ ڦاٽڻ کان بچي وڃي. سمورن مسلمانن لاءِ ڪعبو تمام مقدس مقام آهي. مسلمان هرسال ذوالحج مهيني جي 8 کان 12 تاريخ تائين حج ادا ڪندا آهن. پيغمبر اسلام جي سنت تي عمل ڪندي غلاف کي هر سال حج جي موقعي تي 9 ذوالحج تي تبديل ڪيو ويندو آهي. ڪعبي جي سمورين ڀتين ۽ دروازي تي غلاف لڳايو ويندو آهي. پراڻو غلاف لاهي ننڍن ننڍن ٽڪرن ۾ ڪاٽيو ويندو آهي ۽ سعودي عرب جو دورو ڪندڙ مسلمان ملڪن جي اڳواڻن کي تحفي طور اهي ٽڪرا پيش ڪيا ويندا آهن. ڪيتريون ئي نجي ويب سائٽون به غلاف جا ٽڪرا وڏي اگهه ۾ وڪڻنديون آهن. ڪالهه رات جو به ڪعبت الله جو غلاف تبديل ڪيو ويو. اهو عمل ڪيترائي ڪلاڪ جاري رهيو ۽ سعودي عرب جي ٽي وي چينلن تي لائيو ڏيکاريو ويو.