سرينگر/اسلام آباد (م ڊ) سينيئر ڪشميري اڳواڻ سيد علي گيلاني لاڏاڻو ڪري ويو، وزيراعظم عمران خان پاران اڄ سرڪاري سطح تي سوڳ جو اعلان، قومي جهنڊو جهڪيل رهندو. ڊگهي عرصي کان بيمار سيد علي گيلاني 92 ورهين جي ڄمار ۾ سري نگر ۾ دم ڌڻي حوالي ڪيو،  سيد علي گيلاني ڪيترائي سال قابض ڀارتي فوج جي قيد ۾ گذاريا ۽ ڪشميرين جي حق خوداراديت لاءِ سڄي زندگي جدوجهد ڪئي، ٽن ڀيرا ڪشمير اسيمبلي جو ميمبر رهيو، سيد علي گيلاني جي وفات بعد ڀارتي فوج علائقي ۾ سيڪيورٽي سخت ڪري ڇڏي، حريت اڳواڻ عدالحميد لون ٻڌايو ته والاريل ڪشمير ۾ ڀارت ڪرفيو لڳائي ڇڏيو آهي، انٽرنيٽ سروس بند آهي ۽ ڀارتي فورس سيد علي گيلاني جي گهر جو گهيراءُ ڪري سندس رشتيدارن جي گرفتاري شروع ڪري ڇڏي آهي، هن انڪشاف ڪندي چيو ته ڀارتي انتظاميه ڌمڪي ڏيندي چيو آهي ته سيد علي گيلاني جي اڌ ڪلاڪ ۾ تدفين ڪئي وڃي، ٻي صورت ۾ کيس نامعلوم هنڌ دفنايو ويندو، جڏهن ته سري نگر جي مسجد مان ڪشمير جي آزادي جا نعرا هنيا ويا، ٻئي طرف پاڪستان جي وزيراعظم عمران خان سينيئر ڪشميري اڳواڻ سيد علي گيلاني جي لاڏاڻي تي گهري ڏک جو اظهار ڪندي اڄ سرڪاري سطح تي سوڳ ملهائڻ جو اعلان ڪيو آهي، عمران خان چيو ته سيد علي گيلاني جي وفات جي ڏک ۾ اڄ قومي جهنڊو جهڪيل رهندو، سيد علي گيلاني پوري زندگي ڪشميرين جي حقن لاءِ جدوجهد ڪئي، جنهن تي کيس سلام پيش ڪريون ٿا، صدر عارف علوي، پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي، جماعت اسلامي جي امير سراج الحق سوڌو پاڪستان جي سياسي اڳواڻن سيد علي گيلاني جي لاڏاڻي تي گهري ڏک جو اظهار ڪيو آهي. هوڏانهن آزاد ڪشمير ۾ هڪ ڏينهن جي موڪل ۽ 3 ڏينهن سوڳ جو اعلان ڪيو ويو آهي.