ڪشمور (رپورٽر) ڪشمور ويجهو چنڊول بنگلو ڳوٺ اقبال مزاري واسي عبدالستار مزاري پنهنجي ماءُ سان گڏ پريس ڪلب ڪشمور ۾ احتجاج ڪندي دانهيندي چيو ته سال 1999ع  ۾ ناني کان 3 ايڪڙ زمين خريد ڪئي، جنهن بعد مامو ۽ ان جا پٽ زمين تي قبضي ڪرڻ جي ڪوشش ڪن  پيا،هن چيو ته بااثر اسان کي زمين تان لڏائڻ چاھين ٿا ۽ ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن،  نوٽيس وٺي انصاف ڪيو وڃي.