ڪشمور (رپورٽر) ڪشمور ۾ ميراڻي پاڙي ۾ ڪجھه ڏينهن اڳ ذهني مريض ذوالفقار ميراڻي 9 ورهين جي معصوم ٻار سڌير ميراڻي کي مٿي کڻي هيٺ زمين تي اڇلايو هو جنهن ڪري نينگر کي چيلھه ڀڃي پئي هئي جنهن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ سکر جي اسپتال نيو ويو جتي هو زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو، ان ڏس ۾ پوليس ڪارروائي ڪري ذهني مريض ذوالفقار ميراڻي ۽ ارشاد ميراڻي کي گرفتار ڪري ورتو، پوليس موجب گرفتار ٿيلن تي گل محمد ميراڻي جي فرياد تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.