ڪشمور (رپورٽر)  ڪشمور جي سردارو کوسو واري علائقي مان عورت جي هٿ آيل لاش جي سڃاڻپ نه ٿيڻ تي نادر شاهه قبرستان ۾ امانت طور دفنايو ويو.  ڪشمور سول اسپتال انتظاميا سرد خاني جي سھولت نه ھئڻ ڪري لاش وڌيڪ رکڻ کان انڪار ڪندي تدفين ڪرڻ جو مشورو ڏنو. ٽائون عملي جي مدد سان عورت جي تدفين ڪئي وئي. پوليس عملي طرح عورت جي قتل معاملي جي جاچ نه ڪئي. پوليس موجب عورت ٻاھر جي آهي، جنهن کي گهٽا ڏئي قتل ڪري لاش ڪشمور آڻي ساريالي فصل ۾ اڇلايو ويو.واضح رهي ته 50 سال جي عورت جو ڪپڙن کان آجو لاش مليو هو.