ڪشمور (رپورٽر) ڪشمور جي ڳوٺ مير محمد نائچ مان مھينو اڳ اغوا ٿي ويل اقبال نائچ جي بازيابي لاءِ وارثن احتجاجي مظاهرو ڪيو، وارثن شوڪت علي نائچ ۽ ٻين دانھيندي چيو ته پوليس مغوي کي اڃا تائين بازياب نه ڪرائي سگهي آهي، هنن چيو ته پورھيو ڪري پيٽ گذر ڪندا آهيون، ڀنگ جي رقم ڪٿان آڻيون، هنن مغوي کي بازياب ڪرائڻ جي گهر ڪئي.