ڪشمور (رپورٽ: ايم شريف ڄامڙو) ڪشمور جي عيد گاهه پاڙي ڀرسان ريڙھي ذريعي خانگي ڪمپني جو چوري ڪيل لوهو سامان کڻي ويندڙ جوابدارن کي گشتي پوليس اهلڪارن روڪڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن دوران چورن جي 10 کان وڌيڪ ساٿين ٻن اهلڪارن دلبر چاچڙ ۽ اسرار کوسو کي ڪٽڪو ڏئي يرغمال بڻائي ورتو ۽ لوهه سان ڀريل ريڙھو ڪاهي فرار ٿي ويا، ڪشمور پوليس ملوث جوابدارن حميد ملڪ، مجيد ملڪ ۽ حبيب ملڪ سميت 10 ڄڻن خلاف ڊيوٽي اٽڪاءَ ۽ پوليس اهلڪارن کي يرغمال بڻائي تشدد ڪرڻ جو ڪيس داخل ڪري ورتو آهي، زخمي اهلڪارن دلبر چاچڙ ۽ اسرار کوسو ٻڌايو ته جوابدار خانگي ڪمپني مان چوري ٿيل لوهه ڪپڙي سان لڪائي کڻي وڃي رهيا هئا ته کين روڪيو، جنهن تي هنن تشدد ڪيو، هوڏانهن پوليس جوابدارن کي گرفتار نه ڪري سگهي آهي.