ڪشمور (رپورٽر)ڪشمور ۾ مڪاني چونڊن جون سرگرميون زور شور سان جاري ڪشمور جي يوسي بھادرانپور نمبر 8 تي سردار سليم جان خان مزاري جي پينل جي اميدوار جيئند خان مزاري بنا مقابلي يوسي چيئرمين چونڊجي ويو برادري جي ماڻهن ۽ علائقي واسين پاران مبارڪون ڏنيون جيئند خان مزاري گذريل مڪاني چونڊن ۾ به يوسي گيھلپور جو چيئرمين رھي چڪو ۽ علائقي واسين جي  بھترين نموني خدمت ڪيائين جنهن ڪري سامھون ڪو به اميدوار مقابلي ۾ نه بيٺو سردار سليم جان مزاري به اعتماد ڪندي پيپلزپارٽي جي ٽڪيٽ ڏني، ڪشمور جي يوسي بھادرانپور نمبر 8 تي جيئند خان مزاري بنا مقابلي يوسي چيئرمين منتخب ٿيو آهي پيپلزپارٽي اڳواڻ اڳوڻي ضلعي ناظم سردار سليم جان خان مزاري جي پينل طرفان مڪاني چونڊن ۾ حصو وٺندر جيئند مزاري سامھون ڪنهن به اميدوار نامزدگي فارم نه ورتا جنهن بعد بنا مقابلي ڪاميابي ملي علائقي واسين ماجد علي مزاري ۽ ٻين جو چوڻ هو ته گذريل مڪاني چونڊن ۾ جيئند خان مزاري يوسي گيھلپور جو چيئرمين ھو پنھنجي يوسي ۾ وڏي تعداد ۾ علائقي واسين کي بنيادي سهولتون فراهم ڪيون،