ڪشمور(رپورٽر) قومي عوامي تحريڪ ڪشمور جي اڳواڻ عبدالغفور لاشاري، وڪيل محمد علي کوسو پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪندي چيو ته خانگي اسپتال مان 2 مھينا اڳ سي ڊي موٽرسائيڪل 2017 ماڊل چاٻي چور ڪاهي ويا،پوليس کي سي سي ٽي وي فٽيجز جي مدد سان نشاندهي به ڪرائي.2 ڀيرا موٽرسائيڪل چاٻي چور شھرين پڪڙي پوليس حوالي ڪيا.پوليس جوابدارن کان موٽرسائيڪل رڪور ناهي ڪرائي.