ڪشمور(رپورٽر) ڪشمور ويجھو حق باھو پيٽرول پمپ ڀرسان انڊس هاءِ وي تي ٻن موٽر سائيڪلن تي سوار جکراڻي برادري جي ماڻهن ڦر جي شڪ ۾ ڪشمور پوليس هٿان گرفتار ڪرائڻ جي پلاند ۾ کوسا برادري جي نثار کوسو ۽ ان سان گڏ ويندڙ ٽينٽ سروس جي ملازم آصف ميراڻي کي ڏنڊا هڻي زخمي ڪرڻ بعد فرار ٿي ويا.  زخمي نثار کوسو ميڊيا کي ٻڌايو ته ڪجهه ڏينهن اڳ جکراڻي برادري سان تعلق رکندڙ گھر آڏو ڏوهه جي ارادي سان بيٺل ٽي ڄڻا پڪڙي پوليس حوالي ڪيا، پوليس انهن کي ڇڏي ڏنو، اهي پلاند ۾ اسان کي زخمي ڪري فرار ٿي ويا آهن، ايس ايس پي ڪشمور نوٽس وٺي انصاف ڏياري.