ڪشمور (رپورٽر) ڪشمور ۾ڪڻڪ جي واپارين شوڪت فقير، عبدالمجيد مزاري، عزيز الله لاشاري، عبدالشڪور ٿھيم، مھينڌر ڪمار، پرديپ ڪمار احتجاج ڪندي چيو ته ملڪ ۾ ڪڻڪ جي خريداري ۽ وڪري تي پابندي ھٽائي وئي آهي.ڪشمور جو ايڪسائيز انسپيڪٽر عامر ڪلوڙ ۽ ڪشمور  خوراڪ کاتي جا فوڊ انسپيڪٽر يوسف ملڪ، رانجھو ملڪ ڪڻڪ خريد ۽ وڪرو ڪرڻ تي پابندي لاڳو ڪري ڇڏي آهي. چار ڏينهن اڳ ڪشمور جي واپاري شوڪت فقير دشتي جي پنجاب کان خريد ڪيل 7 س مڻ ڪڻڪ جون 2 ٽرڪون ايڪسائيز انسپيڪٽر عامر ڪلوڙ ۽ فوڊ عملدارن اوٻاوڙو فلور مل کان واپس ڪرائي ڪشمور جي پي آرسي خوراڪ سينٽر تي بيھاري ڇڏيون آهن، نوٽيس وٺي 2 ٽرڪون واپس ڪيون وڃن