ڪشمور(رپورٽر) ڪشمور جي ڳوٺ عطامحمد  کوسو واسي 20 سال جو نوجوان نور محمد لاشاري بي ايس فيڊر ۾وھنجندي ٻڏي ويو، وارثن پاران پنهنجي مدد پاڻ تحت نوجوان جي ڳولا ڪئي پئي وڃي. وارثن جو چوڻ هو ته آبپاشي عملدار تعاون نه ٿا ڪن، پاڻي وھڪرن ۾ تيزي ھئڻ ڪري نوجوان جي ڳولڻ ۾ مشڪلاتون پيش اچي رهيون آهن،  بي ايس فيڊر جي انجنيئر کي نوجوان ٻڏڻ جو اطلاع ڏنو پر بي ايس فيڊر جا گيٽ بند ناهن ڪرايا ويا.