ڪنڌڪوٽ/ غوثپور (نمائندن وٽان ) غوثپور ٿاڻي جي حد انڊس هاءِ وي تان پنج ڏينهن اڳ هٿياربندن هٿان اغوا ٿي ويل لاڙڪاڻي واسي ٽرڪ سوار چار مغوين ۽ ٽي ڏينهن اڳ غوثپور ڀرسان مڇي جي فارم تي چوڪيداري ڏيڻ دوران هٿياربندن هٿان اغوا ٿي ويل عبدالواحيد ڏاهاڻي سميت پنجن ئي مغوين کي غوثپور ڪشمور پوليس پاران ڏوھارين سان مبينا مقابلي بعد بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي .غوثپور پوليس پاران بازياب ڪرايل مغوين ۾ لاڙڪاڻي واسي چار ٽرڪ سوار رضوان ناريجو، رجب سولنگي، مسعود سولنگي، اسد سولنگي ۽  گجرانوالا واسي محمد زمان بازياب ٿيلن ۾ شامل آهن.پوليس موجب مغوين جي بازيابي لاءِ دراني مهر ۽ جنگڻ ٿاڻي جي حدن ۾ ڏوهارين خلاف آپريشن هلندڙ هو ڏوهارين پاران مغوين کي هڪ هنڌ کان ٻئي منتقل ڪرڻ جي اطلاع پوڻ تي ڪاروائي ڪندي ڏوهاين سان مهاڏو اٽڪايو ويو فائرنگ جي ڏي وٺ بعد ڏوهاري پنجن ئي مغوين کي ڇڏي فرار ٿي ويا جنهن دوران پنجن ئي مغوين کي باحفاظت بازياب ڪرائي ورتو آهي مغوين جي بازيابي جي اطلاع پوڻ تي مغوين جي گهرن ۾ خوشي جي لهر پکڙجي وئي آهي. ٻئي پاسي علائقي ۾ چوٻول آهن ته پوليس پاران گرفتار ڪيل ڏوهارين جي ساٿين کي آزاد ڪرڻ جي ڊيل تحت مغوين کي پوليس پاران بازياب ڪرايو ويو آهي ٻئي طرف ڪشمور ضلعي مان وڌيڪ هڪ مغوي شهزادو قمبراڻي اڃان تائين ڏوهارين جي چنبي هيٺ جنهن کي پوليس بازياب ناهي ڪرائي سگهي.