ڪشمور (رپورٽر) ڪشمور پوليس 2 جوابدار فل فراءِ ڪري ڇڏيا، مقابلي جي دعويٰ، ان ڏس ۾  ڪشمور ٿاڻي جي ايس ايچ او حبيب الرحمان مھر چيو ته پوليس ۽ انڊس هاءِ وي روڊ تي ڏوھ جي ارادي سان بيٺل ھٿياربندن سان فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي ، پوليس جي جوابي فائرنگ ۾ 2 ڄڻا مارجي ويا جن وٽان ٽي پسٽل ھٿ ڪيا ويا، جڏهن ته سڃاڻپ لاءِ ڪو به سامان يا ڪو ڪارڊ ناهي مليو، مارجي ويل مبينا ڏوهارين جي سڃاڻپ نه ٿيڻ ڪري لاش تعلقي اسپتال ڪشمور ۾ رکيا ويا آهن، ايس ايچ او ڪشمور ايم ايس سول اسپتال کي 24 ڪلاڪن تائين وارثن جي انتظار ۽ سڃاڻپ ٿيڻ تائين لاش تدفين نه ڪرڻ ۽ سول اسپتال ۾ پيل ھئڻ لاءِ چيو آهي، جڏهن ته ايم ايس سول اسپتال جو چوڻ هو ته سول اسپتال ۾ سرد خانو نه ھئڻ ڪري لاش ٻئي ھنڌ شفٽ ڪيا وڃن يا تدفين ڪرايا وڃن، ٻي طرف پوليس جي مبينا  مقابلي ۾ مارجي ويل اڻسڃاتل 2 ڄڻن جا لاش لاوارث ھئڻ ڪري ٽائون ڪاميٽي   جي ملازمن طرفان نادر شاهه قبرستان ۾ تدفين ڪئي وئي آهي.