ڪشمور (رپورٽ:شريف ڄامڙو) ڪشمور ڪنڌڪوٽ ۾ بدامني کي ٻنجو نه آيو، هٿياربندن مسافر بس روڪي ورتي، شر برادري جا 2 ۽ ملڪ برادري جا 3 ٻالڪ امڙين جي هنج مان اغوا، ٽن ٻالڪن کي ڇڏيو ويو، هٿياربند 2 بيمار ٻالڪ کڻي ويا، خبر موجب ڪشمور ڪنڌڪوٽ ضلعي ۾ نئين مقرر ٿيل ايس ايس پي شبير سيٺار به ٻوٽو نه ٻاريو، ڪالهه ڪشمور جي گيھلپور ڪچي مان ڪشمور شهر ايندڙ مسافر بس مان هٿياربند شر برادري جا 2 ۽ ملڪ برادري جا 3 ٻالڪ اغوا ڪري ويا، جڏهن ته ملڪ برادري جي ٽن ٻارن کي ڇڏيو ويو ۽ هٿياربند 2 بيمار ٻالڪن کي مائرن جي ھنج مان کڻي اغوا ڪري ويا، اغوا ٿيل ٻالڪن ۾ 4 سالن جو مختيار شر ۽ 7 سالن جو منير شر شامل آهن، ٻارن جي اغوا واري واقعي بعد شر مزاري ڌرين ۾ ڇڪتاڻ تيز ٿي وئي آهي، جڏهن ته شر برادري جا ڪيترائي ھٿياربند سنڌو درياهه پار ڪري گيھلپور ڪچي واري علائقي ۾ پھچي ويا، آخري اطلاعن تائين ڪشمور، گيھلپور، حاجي خان شر ۽ پنجاب جي ماڇڪي ٿاڻي جي پوليس حد بندي جو تڪرار ڄاڻائيندي اغوا ڪارن خلاف ڪا به ڪارروائي نه ڪئي ۽ نه ڪو واقعي جو ڪيس داخل ڪيو ويو هو.