ڪشمور (رپورٽر) ڪشمور ويجھو ڪچي جي علائقي مان نوجوان عورتاڻي آواز تي هرکجي اغوا ٿي ويو آهي. خبر موجب ماڇڪي ڀرسان ڪچي جي علائقي ۾ خانپور واسي ڪريم داد پنھور عورتاڻي آواز تي ھرکجي موٽرسائيڪل تي پهتو جتان ڌاڙيلن کيس اغوا ڪري ورتو آهي. ان ڏس ۾ نوجوان جي وارثن ڪشمور ٿاڻي تي پهچي پوليس کي اهڙو اطلاع ڏنو، جنهن بعد پوليس نوجوان جي بازيابي لاءِ ڪوششون شروع ڪري ڇڏيون آهن. پوليس جو چوڻ آهي ته مغوي جو موبائيل نمبر ٽريس ڪري جلد پتو لڳائي کيس بازياب ڪرايو ويندو.