ڪشمور مان اغوا ٿيل 3 پورهيت بازياب نه ٿيا، انڊس هاءِ وي بلاڪ

0
295

ڪشمور مان اغوا ٿي ويل 3 پورهيت بازياب نه ٿيا، وارثن انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو هنيو آهي

ڊکڻ بنگلو واري علائقي مان گذريل ڏينهن اغوا ٿي ويل ٽن پورهيتن مجيد، لال محمد ۽ رمضان اوڳاهي کي پوليس کي بازياب نه ڪرائي سگهي

وارثن انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو، احتجاج سبب ٽريفڪ معطل ٿي وئي

وارثن جو چوڻ آهي ته پوليس پورهيتن جي بازيابيءَ لاءِ ڪي به قدم ناهن کنيا، رڳو ٺلها آسرا ڏنا پيا وڃن

پوليس جو چوڻ آهي ته مغوين جي بازيابي لاءِ راڄوڻي ڪوششون ڪيون پيا

ھي به پڙھندا

ڪراچي ۾ ڦر جي ڪوشش دوران ھڪ ڄڻو قتل: شھرين جي تشدد ۾ 2 مبينا جوابدار مارجي ويا

پيروسڻ جي کرڙاهه شھر ۾ ڦل برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، صحافي قتل