ڪشمور (رپورٽر) ڪشمور جي ايڊيشنل سيشن جج ماڊل ڪرمنل ٽرائل ڪورٽ پاران ڪنڌڪوٽ ۾ ھڪ گھر اندر ڌاڙي ۽ موٽر سائيڪل ڦر جي ٻن ڌار ڌار ڪيسن ۾ 6 جوابدارن کي 16 سال قيد ۽ ھر ھڪ جوابدار کي پنج، پنج ھزار  ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي،  ڪنڌڪوٽ واسي جوابدارن جمعو سهرياڻي، عبدالرزاق، قدرت الله، وقاص، قمرالدين، تبارڪ سال 2021ع ۾ ڪنڌڪوٽ جي اي سيڪشن ٿاڻي جي حد ۾ حضوران سهرياڻي جي گهر مان سونا زيور، 30 تولا چاندي ۽ پنجاھ ھزار روڪ رقم ڦر ڪئي هئي.  جوابدارن مٿان ڏوهه ثابت ٿيڻ تي ڪشمور جي ايڊيشنل سيشن ڪورٽ ماڊل ڪرمنل ٽرائل ڪورٽ جوابدارن کي 16 سال قيد جي سزا ٻڌائي. ٻئي ڪيس ۾ ٻن جوابدارن ذوھيب سھرياڻي ۽ احمد علي سھرياڻي کي موٽر سائيڪل ڦر ڪيس ۾ مجموعي طور 20 سال قيد جي سزا ٻڌائي وئي آهي، سزا ھيٺ آيل جوابدارن کي سينٽرل جيل منتقل ڪيو ويندو.