ڪشمور ضلعي مان 5 ڄڻا اغوا، انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو

0
347

ڪشمور: ڪشمور ضلعي مان 5 ڄڻا اغوا ٿيڻ ۽ بدامني جي ٻين واقعن خلاف انڊس هاءِ وي اسٽاپ تي ڌرڻو هنيو ويو آهي

قومپرست پارٽين ۽ شهرين جي ڌرڻي سبب ٽريفڪ معطل آهي، جڏهن ته مظاهرين پوليس خلاف نعريبازي ڪري رهيا آهن

اڳواڻن چيو آهي ته ضلعي اندر بدامني وڌيل آهي پر پوليس ڪجهه نه پئي ڪري، ضلعي مان 5 ڄڻا اغوا ٿي چُڪا آهن، کين بازياب ڪرائڻ لاءِ ڪو به قدم ناهي کنيو ويو، جيستائين مغوي واپس نه ٿيندا، احتجاج جاري رهندو