ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪسٽم اختيارين کي 20 ڏينهن اندر اهم نوعيت جون ميڊيڪل ڊوائيسز (طبي اوزار ) ڪليئر ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، فارما ڪمپني روچ پاڪستان پاران ڊريپ ۽ ڪسٽمز خلاف داخل درخواست جي ٻڌڻي دوران وڪيل بيريسٽر راشد مريد عدالت کي ٻڌايو ته ڊريپ جي پراسيس ۾ دير ٿيڻ سبب  طبي ڊيوائيسز دير سان پهتيون آهن، هاڻ وري ڪسٽم اختيارين استثنيٰ جو مدو ختم ٿيڻ جو الزام لڳائي شپمينٽ روڪي ڇڏي آهي، ڊوائيسز جي آمد رڪجڻ سبب مارڪيٽ ۾ طبي اوزارن جي کوٽ ٿي وئي آهي، مريض پڻ سخت پريشان آهن، جيڪڏهن بروقت قدم نه کنيو ويو ته صحت جي شعبي ۾ وڏو انساني الميو پيش اچي سگهي ٿو، عدالت  دليل ٻڌڻ کانپوءِ ڪسٽم اختيارين کي  20 ڏينهن ۾ شپمينٽ ڪليئر ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، واضح رهي ته 2019 ۾ سرڪار استثنيٰ حاصل ڪرڻ کانپوءِ اسٽنٽ، ڪووڊ ڪِٽس، گردن جي علاج ۾ استعمال ٿيندڙ ڊوائيسز درآمد ٿينديون رهيون آهن.